بيگن جروار

بيگن جروار: تعلقي ٽنڊي الهيار جي ديهه ڍالوءَ جو هيءُ ڳوٺ، 200 سال اڳ رئيس بيگن خان جروار نالي هڪ نيڪ مرد ”نانگنا واهه“ جي پراڻي ڍوري جي ڪپ تي اچي آباد ڪيو. ”نانگنا واهه“ جي ان پراڻي ڍوري جا نشان اڄ به ڳوٺ جي اتر ۾ موجود آهن. هيءُ واهه اڏيري لال شهر کان ٿورو ڏکڻ طرف گهلو واهه مان نڪرندو هو، جڏهن ته گهلو واهه ”مارک واهه“ مان سعيد آباد جي پريان سنڌو درياهه مان نڪرندو هو. بيگن جروار ڳوٺ حڪمت جي ميدان ۾ مشهور آهي. ناميارو حڪيم ۽ جراح حاجي محمد هاشم عمراڻي به هن ڳوٺ جو رهاڪو هو، جنهن حڪمت ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو. باگاڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ نيڪ سخي مرد ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي رئيس شريف خان جروار به هن ڳوٺ جو رهندڙ هو. ڳوٺ جي اوڀر طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مسڻ جو قديم شهر، اتر طرف 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪامارو شريف ۽ اولهه طرف چئن ڪلوميٽرن تي شاهجهان جي دؤر جي هڪ تاريخي مسجد ۽ درويش ”پاڪ سنگهار“ جو خوبصورت مقبرو موجود آهي، ان کان سواءِ هن ڳوٺ جي آسپاس اهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آهن، جن تي تحقيق جي ضرورت آهي. ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ جروار بلوچن جو هيءُ سڀ کان وڏو ڳوٺ ليکيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ جروارن کان سواءِ رند، سما، اوڏ ۽ جتوئي به آباد آهن. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار پرائمري اسڪول، نڪاسيءَ جو نظام، واٽرسپلاءِ، يونين ڪائونسل، جانورن جي اسپتال جهڙيون سهوليتون موجود آهن. بيگن جروار جي ويجهو شاهه لطيف جي صحبتي بزرگ ميين صابر ولهاريءَ جو به مقبرو موجود آهي.


لفظ بيگن جروارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو